سچل جو رسالو 2

سچل جو رسالو 2

سچل جو رسالو 2

سچل جو رسالو 2

سچل جو رسالو 2

سچل جو رسالو 2

سچل جو رسالو2

سچل جو رسالو (سرائڪي ڪلام): هيءُ رسالو اصل ۾ مولانا محمد صادق راڻيپوريءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن کي هن ’سچل سرمست جو سرائيڪي ڪلام‘ نالو ڏنو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع ۾، سچل سيمينار جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ان جي نئين ترتيب گل محمد تنئي ڏني آهي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جو سمورو سرائيڪي ڪلام شامل آهي. ڪتاب پنجن بابن ۾ ورهايل آهي، جن جو وچور هن ريت آهي:
(1) سچل جو رسالو: سرائڪي ڪلام، دعا، نعت، پنهنجي متعلق، (2) حسن عشق: ڏوهيڙا، سي حرفيون، ڪافيون، (3 ) هير رانجھو: ڏوهيڙا، سي حرفيون، ڪافيون، (4) تصوف: ڏوهيڙا، سي حرفيون، ڪافيون، متفرقه ڪلام (5) سچل لغت.
رسـالـي جي ابتدا ۾ پبـلشـر نـوٽ سان گڏ ’سـچــل جـو سـرائيڪـي ڪلام‘ جي عنوان سان گل محمد تنيي جو وضاحتي مضمون ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هن رسالي جي پراڻي ترتيب جي اوڻاين ۽ نئين رسالي جي ترتيب جو ذڪر ڪيو آهي. رسالي ۾ سچل سرمست جي سوانح توڙي فڪر ۽ ڪلام جي خوبين تي تفصيلي مقدمو شامل آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جي 499 صفحن تي مشتمل هيءُ رسالو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 1997ع ۾ ڇپرايو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
هن رسالي جو ٽيون ڇاپو، ’رسالو سچل سرمست‘ (سرائيڪي ڪلام) عنوان سان نوجوان محقق ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جي ترتيب ۽ مقدمي سان، 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو